ليمو/ليمون

ليمو/ليمون

ليمو ليمون

ليمو/ليمون: هيءُ ننڍو وڻ، هماليه جو مقامي وڻ آهي ۽ پنجاب سميت سنڌ ۽ بلوچستان جي ميداني علائقن ۾ وڏي پئماني تي پوکيو ويندو آهي. هن کي انگريزي ۾ Lemon/Citrus Limon ۽ نباتاتي زبان ۾ Syn. Citrus medica (L.) چيو وڃي ٿو. هن جو تعلق Rutocea خاندان سان آهي. هن جو قد 3 کان 6 ميٽر (گهٽ وڌ) ٿئي ٿو. پن 6.5 کان 100 ملي ميٽر، بيضوي شڪل جا ٿين ٿا. پنن جي ڪنار ڏانداڻي، آري نما ۽ مھاڙي نوڪدار ٿئي ٿي. پن ۽ ڏانڊي جي وچ ۾ هڪ جوڙ هوندو آهي. ڏانڊي سوڙهي ٿئي ٿي. گل ٻه صنفي يا نر ٿيندا آهن. گل جون پنکڙيون اڇاڻ مائل بنفشي (ارغواني) رنگ جون ٿينديون آهن. گل اندر 20 کان 30 نرٻور/نروار (Stamen) ٿين ٿا. هن جو ڦر/ثمر معمولي ڊگهو يا بلڪل گول ٿئي ٿو، جيڪو شروع ۾ گھري سائي رنگ جو ۽ پچي راس ٿيڻ بعد پيلي رنگ جو ٿئي ٿو. ثمر جي اندرئين گودي ۾ رس ڀريل هوندو آهي، جنھن ۾ وٽامن ڪافي مقدار ۾ ملي ٿو. ان جو ذائقو هلڪي ڪڙاڻ سان کٽو ٿئي ٿو. هن وڻ جي فصل جو عرصو آگسٽ کان نومبر جي وچ تائين هوندو آهي پر سڄي سال لاءِ محفوظ ڪري به استعمال ڪيو ويندو آهي. ڦر جو گل هاضمي دار ۽ قوت بخش ٿئي ٿو. هن جي رس جي تاثير ٿڌي ٿئي ٿي، انڪري اونھاري جي مند ۾ شربتن ۾ ليمي جو استعمال گهڻو ڪيو وڃي ٿو. طب جي حوالي سان هن جو استعمال دستن جي بيماريءَ ۾ فائديمند ٿيندو آهي. هي پنھنجي اصلي حالت جي ڀيٽ ۾ ٻين کاڌن ۽ شين سان گڏ وڌيڪ استعال ڪيو وڃي ٿو. مثال طور هن مان شربت، گهاٽا مشروب، آچار ۽ مربا وغيره تيار ڪيا وڃن ٿا. ان کانسواءِ مختلف کاڌن ۾ خوشبو طور استعمال ڪيو وڃي ٿو. ذائقي لاءِ ڪيڪ ۽ پيسٽري جي آئسنگ ۾ پڻ ڪتب اچي ٿو. هن جي کل (ڇلڪي) مان نامياتي تيزاب (Citric Acid) ۽ تيل پڻ حاصل ڪيو ويندو آهي. هن مان زخمن تي لڳائڻ لاءِ خوشبودار ملم به تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ دوائن ۾ خوشبو پيدا ڪرڻ خاطر به ليمي جو استعمال ٿئي ٿو. ليمي جو آچار تِلي وڌي وڃڻ جي صورت ۾ آرام بخش ٿيندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو